بزم ادب شڪارپور

بزم ادب شڪارپور: ’بزم ادب شڪارپور‘ جو بنياد سن 1962ع ۾ شڪارپور جي شاعرن امير بخش ’امير‘ قريشي، خير محمد طيباڻي ۽ جهامنداس ’عاشق‘ جن جي گڏيل سهڪار سان پيو. ’بزم ادب‘ پاران سڪندر علي شيخ جي آفيس ۾ مشاعرن جون محفليون ڪيون وينديون هيون. هن بزم جو صدر آغا گل حسن ’گل‘ سلطان ڪوٽي هو ۽ سينيئر نائب صدر امير قريشي ۽ نائب صدر فقير خير محمد طيباڻي هئا. مشاعرن جي محفلن ۾ شڪارپور کان سواءِ ٻاهريان شاعر به اچي شريڪ ٿيندا هئا. جن ۾ آغا نادر خان، آغا گل، ولي دائود پوٽو ۽ ٻيا قابل ذڪر آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو